ابڙو محمد سليمان سليم

ابڙو، محمد سليمان ”سليم“: مولانا محمد سليمان ولد ابڙو فقير ڳوٺ ملان ابڙا تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ھن ديني تعليم مولانا غلام عمر جتوئيءَ وٽ ”مدرسه دارالفيض“ مان حاصل ڪئي، پاڻ مولانا جتوئيءَ جو پيارو شاگرد ھو. ھن جون صادر ڪيل فتوائون پڻ تحرير ڪندو ھو. مولانا محمد سليم جتوئي صاحب جي ڪتب خاني مدرسه دارالفيض جو انچارج به ٿي رھيو ۽ ديني تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ھو ڳوٺ ڪارڙن واري مسجد ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ مدرس مقرر ٿيو. مولانا محمد سليمان ابڙو پنھنجي وقت جي سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ وڌي چڙهي شرڪت ڪندو ھو، تحريڪ خلافت دوران لاڙڪاڻي ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. پاڻ سٺو شاعر ھو ۽ ”سليم“ تخلص ھيس. مولانا سليمان ”سليم“ جي شاعري غزلن، مولودن ۽ ڪافين تي مشتمل آھي، سندس تحرير ڪيل ديني ڪتاب ۽ شعري مجموعو قلمي صورت ۾ سندس ڀائيٽي محمد احسان ولد محمد حسن وٽ موجود آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو